تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

ڳڙهي ياسين لڳ زمين تان جهيڙو، 3 عورتن سوڌو 12 زخمي

ڳڙهي ياسين (ن پ ا) ڳڙھي ياسين دلاور مارفاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ترڪ علي جعفري ۾ سئوٽن مير ۽ امبر جعفري ۾ زمين جي معاملي تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب امداد، جان بيبي، لياقت، شھزادو، حق نواز، چاڪر، نورل، عطا محمد، پيرل، وزيره، ڪريمه جعفري سميت ٻنھي 12 ماڻھو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال آڻڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو. نورل جعفري ٻڌايو ته مير جعفري اسان جو سڳو سئوٽ آھي جيڪو اسان جي کاتي واري زمين ۾ ھر ڪاھي رھيو ھو، جنھن تان جھيڙو ٿي پيو. هوڏانهن امداد جعفري ٻڌايو ته زمين جو کاتو اسان وٽ آھي امبر واري ڌر ڏاڍ ڪري 5 ڄڻن کي سخت زخمي ڪيو آھي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ڪيو ويو هو.



Bookmark the permalink.