تازا ترين
  • *سڀاڻي هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪندس، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ملڪن اندر ڪورونا جي صورتحال خراب آهي، وائرس سبب سڄي دنيا ڏکيائين ۾ آهي: وزيراعظم*
  • *ڪراچي: ايڪسپو سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ 1200 بسترن تي ٻڌل فيلڊ آئسوليشن سينٽر جو افتتاح*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سهيل انور سيال جي ٻن عزيزن سوڌو 3 ڄڻن جي ضمانت منظور*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ عمر شيخ جي موت واري سزا 7 سال قيد ۾ تبديل*
  • *صحافين کي گاريون ڏيڻ وارو ٽرينڊ صحافت تي هڪ وڌيڪ حملو آهي:بلاول ڀٽو زرداري*
  • *ٺٽو: جهرڪ ويجهو ڪار ڪلٽي، جهمپير واسي 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي * حادثي ۾ نياز بروھي ۽ عبدالستار بروھي فوت ٿي ويا، ولي بروھي سخت زخمي *
  • *ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو، ملڪ ۾ 2291 متاثر *سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صوبي ۾ مبتلا مريضن جو انگ 743 ٿي ويو آهي:صحت کاتو * خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا 23 ڪيس سامهون آيا، وڌيڪ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، پنجاب ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿيو*
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

”صحت کاتو ڪٿي آهي؟“: ڳڙهي خيري ۽ دادو ۾ اسپتالن کان ٻاهر ٻن عورتن ٻارن کي جنم ڏنو، ٻئي ٻار فوت

ڳڙهي خيري ۾ ڊاڪٽرياڻي ويم نه ڪيو، دادو اسپتال وارا عورت کي رُلائيندا رهيا

دادو/ڳڙهي خيرو(نمائندن وٽان) سنڌ جون اسپتالون ڳورهاري عورتن لاءِ خطرو ۽ انهن جي ٻارن جون قاتل بڻجي ويون، سول دادو ۾ داخل نه ڪرڻ سبب هڪ ڳورهاري عورت جو رڪشا ۾ ويم ڪرايو ويو، ڳڙهي خيرو ۾ وري نجي اسپتال مان ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍيل عورت گهٽي ۾ ٻار کي جنم ڏيڻ تي مجبور ٿي، ٻنهي واقعن ۾ تازا ڄاول ٻار دنيا ۾ اچڻ سان ئي حياتيون وڃائي ويٺا.
دادو ۾ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي ڳوٺ جي نوجوان عورت جميلا زال رياض چانڊيو کي ويم لاءِ سول اسپتال آندو ويو پر اسپتال انتظاميه کيس داخل نه ڪيو، عورت جي مڙس موجب صبح کان اسپتال ۾ داخلا لاءِ رلندا رهياسين، پر منهنجي زال کي داخل نه ڪيو ويو، جنهن سبب مجبوري وچان رڪشا ۾ دائي کان ويم ڪرايو ويو. پر ٻار فوت ٿي ويو.
ان کان اڳ ڳڙهي خيرو جي نجي اسپتال ۾ هڪ ڳورهاري عورت ويم لاءِ پهتي ته ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي کيس مبينا طور ڌڪا ڏئي اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، جنهن بعد تڪليف وڌي وڃڻ ڪري متاثر عورت ٻار کي گهٽي ۾ جنم ڏنو.
طبي سهولتن ۽ ڊاڪٽرياڻي جي غيرموجودگي ۾ ويم دوران سخت تڪليفن ۾ پيدا ٿيل ٻار ٿوري ئي دير ۾ فوت ٿي ويو، جنهن بعد وارثن اسپتال آڏو سخت احتجاج ڪيو ۽ ڊاڪٽرياڻي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

Bookmark the permalink.