تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڳڙهي خيرو ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف ڌرڻو

ڳڙهي خيرو ( ن پ ا ) ڳڙهي خيرو ڀرسان ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڳوٺ يقين شاهه ، ڳوٺ رحيم خان ايري ، ڳوٺ عبدالرحمن ڪٽوهر ، ڳوٺ مريد خان ڪٽوهر ، ڳوٺ رحيم بخش ڪٽوهر ، ڳوٺ محبوب شاهه ۽ ٻين ڳوٺن جي ڳوٺاڻن جو سيد علي شاهه ،
دادن ڪٽوهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دودا پور – پنھون ڀٽي روڊ تي ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برسات کي 20 ڏينهن گذري ويا آهن پر اڃا تائين گھرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي ، زمينن ۾ مسلسل پاڻي بيٺل ھجڻ سبب اسان جو هزارين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل پڻ تباھ ٿي ويو آهي ڊي سي جيڪب آباد کي ڪيترائي ڀيرا روبرو وڃي شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو به تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن گھرن ۽ زمينن مان پاڻي نيڪال ڪرائي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.