تازا ترين
  • امتياز شيخ ايس ايس پي شڪارپور کي قانوني نوٽيس اُماڻي ڇڏيو*هٿ ٺوڪيا الزام لڳائڻ تي رضوان شيخ معافي وٺي: صوبائي وزير طرفان هڪ ارب جي هرجاڻي جي دعويٰ*
  • آءِ جي سنڌ جي مامري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو: وڏو وزير*وفاقي سرڪار سان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملڻ تي اختلاف آهي، ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو بحران حل ٿي ويندو*اُميد ته چيف جسٽس زيادتي مامري ۾ ناري سان انصاف ڪندو: عمرڪوٽ ۾ علي مردان شاهه جي پونيئرن سان تعزيت بعد ڳالهيون*
  • صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن جي اختيارن وارو ڪيس: اي جي سنڌ کي نوٽيسز جاري*
  • ناري سان جنسي زيادتي مامرو:معطل ٿيل جج مٿان ڪيس داخل*ناري سلميٰ بروهي جي تازي بيان بعد معطل ٿيل سول جج امتياز ڀٽو مٿان ايس ايڇ او جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو*

ڳڙهي خيرو: تيز آواز ۾ ٽيپ ھلائڻ کان منع ڪرڻ تان نوجوان تي فائرنگ، مرڻينگ

ڳڙهي خيرو ( ن پ ا) ڳڙهي خيرو ڀرسان ٽيپ ھلائڻ کان منع ڪرڻ تان نوجوان مرڻينگ، ڳوٺ محمد پور اوڍو ۾ موٽر سائيڪل تي تيز آواز ۾ ٽيپ ھلائڻ کان منع ڪرڻ تي هڪ جوابدار ٽي ٽي پسٽل سان فائرنگ ڪري نوجوان غلام سرور اوڍو کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ فرار ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي محمد پور پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمي کي پوليس موبائيل ۾ کڻي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو. آخري اطلاع تائين جوابدار جي سڃاڻپ نه سگھي ھئي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدار جي ڳولا به جاري آهي، جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو.



Bookmark the permalink.