تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ڳڙهي خيرو تعلقي اسپتال انتظامي بحران جي ور، دوائون خريد نه ٿيڻ سبب 5 ڪروڙ ليپس ٿيڻ جو خدشو

لاڪ ڊائون سبب پرائيويٽ اسپتالون بند ھجڻ ڪري سوين مريض علاج لاءِ سرڪاري اسپتال اچن ٿا

جلد ڊاڪٽر قربان لانگاھ کي ڊي ڊي او پاور ملي ويندا ته جيئن دوائن جي خريداري ٿي: ڊي ايچ او

ڳڙهي خيرو ( رپورٽ: ساگر ڀٽي )تعلقي اسپتال ڳڙهي خيرو سياسي ڇڪتاڻ سبب انتظامي بحران جي ور چڙهي وئي آهي. ڇڪتاڻ سبب تعلقه اسپتال دوائن جي خريداري توڙي ٻين خرچن لاءِ مليل 5 ڪروڙ کان مٿي جي بجيٽ به خرچ نه ڪري سگھي جنھن ڪري 2019 – 2020 سال جي سموري بجيٽ ليپس ٿيڻ جو امڪان آهي. او پي ڊي پڻ نالي ماتر ھلندڙ آھي، لاڪ ڊائون سبب پرائيويٽ اسپتالون بند ھجڻ ڪري سوين مريض علاج لاءِ سرڪاري اسپتال اچن ٿا پر دوائون نه ھجڻ سبب کين بغير علاج جي موٽايو وڃي ٿو.1996 ۾ سرڪاري اسپتال کي تعلقه اسپتال جو درجو ڏنو ويو جڏھن ته 2008 ۾ ايم ايس کي ڊي ڊي او جا اختيار ڏئي اسپتال کي آزاد ادارو بڻايو ويو 6 مھينن کان سياسي ڇڪتاڻ سبب ڊاڪٽر قربان لانگاھ کي ھٽائي جيڪب آباد واسي ڊاڪٽر گورڌن داس کي تعلقي اسپتال جو ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ بڻايو ويو ڊاڪٽر گورڌن داس 13 نومبر 2019 تي جوائننگ وٺڻ بعد وري اسپتال جو منھن نه ڪيو ، گذريل 6 مھينن کان مسلسل غير حاضر رھڻ سبب اسپتال جو ڪارونهوار متاثر ٿي رھيو آھي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايم ايس ڊاڪٽر گورڌن داس پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته آئون موڪل تي آھيان غير حاضر ناھيان. هوڏانهن ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر احمد بخش جکراڻي رابطو ڪرڻ تي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته سنڌ سرڪار اسان کي ميڊيا ٽاڪ کان منع ڪيو آھي آئون ڪو به موقف نٿو ڏئي سگھان ھن چيو ته  باقي ڪجھ ڏينھن ۾ ڊاڪٽر قربان لانگاھ کي ڊي ڊي او پاور ملي ويندا ته جيئن ھو دوائن جي خريداري توڙي اسپتال جو ٻيا معاملا حل ڪري سگھي. سنڌ ۾ ڪورونا ايمرجنسي باوجود اسپتال جا 6 ڊاڪٽر ڊيوٽين تان غير حاضر صحت کاتي کي لکت ۾ شڪايت باوجود سندن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ڊاڪٽر افتخار غني سومرو ، ڊاڪٽر ظھير جمالي ، ڊاڪٽر عامر راجا ، ڊاڪٽر آرتي ، ڊاڪٽر شگفته ۽ ڊاڪٽر آسيا ابڙو مسلسل ڊيوٽين کان غير حاضر آھن مٿي ڄاڻايل ڊاڪٽر ٻين مختلف ھنڌن تي ڊيوٽي ڪن ٿا مگر پگھار تعلقه اسپتال ڳڙهي خيرو مان کڻن ٿا ان سلسلي ۾ تعلقي اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر قربان لانگاھ پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته ايم ايس ھجڻ دوران صحت کاتي کي ليٽر  لکي ڊيوٽي نه ڪندڙ ڊاڪٽرن بابت آگاهه ڪيو مگر انھن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي وئي. ھن ٻڌايو ته مٿيان ڊاڪٽر تعلقه اسپتال ۾ ڊيوٽي نه ڪرڻ باجود پگھار ھتان کڻن ٿا ھن چيو ته پوري سنڌ ۾ ميڊيڪل عملي جي کوٽ سبب نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا پيا وڃن پر تعلقه اسپتال جا ڊاڪٽر ايترا ته بااثر آھن جو صحت کاتو ڄاڻ باجود کين ڊيوٽي نٿو وٺي سگهي. ڳڙهي خيرو واسين تعلقه اسپتال کي ريفر سينٽر قرار ڏئي ڇڏيو شھرين محمد نواز عمراڻي ، جبار سنڌي ، عاشق حسين کوسو ، محمد خان ميرالي ، لياقت ڀٽي ، احمد علي حسيني ۽ ٻين پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته تعلقه اسپتال گذريل 6 مھينن کان بغير ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ جي ھلي رھي آھي انھن چيو ته اسپتال ۾ زندگيءَ بچائيندڙ انجيڪشنز سميت ڪا به دوا موجود ناھي ان ڪري معمولي زخمين کي به لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويندو آهي سنڌ حڪومت طرفان اسپتال کي مليل 5 ايمبولينس عملي جي لاپرواهيءَ ڪري بيٺي بيٺي خراب ٿي ويون آهن سندن چوڻ ھو ته سنڌ حڪومت اسپتال جي خوبصورت عمارت ته جوڙائي ڏني آھي پر دوائون نه ھجڻ سبب خالي عمارت ڪھڙي ڪم جي ھنن چيو ته اسپتال ۾ نانگ جي ڏنگ ۽ ڇتي ڪتي جي ويڪسين نه ملندي آھي انھن سنڌ حڪومت جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسپتال ۾ ايم ايس مقرر ڪري ڳڙهي خيرو واسين کي صحت جون سهولتون ڏنيون وڃن. 

Bookmark the permalink.