تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

ڳيريلي ڀرسان نوجوان 5 مهينن کان پراسرار نموني گم: وارث پريشان

ڳيريلو (رپورٽر)ڳيريلو ڀرسان نوجوان 5 مهينن کان پراسرار نموني گم، وارثن سخت پريشان، ڳوٺ عمر ڀيو واسي دائم خان ولد نواب ٿريچو 5 مهينن کان پراسرار نموني گم آهي پر ان جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو، پر اسرار نموني گم ٿيل نوجوان جي مامي هدايت الله ٿريچو ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجو ڀاڻيجو دائم خان ٿريچو هڪ ٽنگ کان معذور به آهي، جيڪو حيدرآباد وڃڻ کان پوءِ گذريل 5 مهينن کان پر اسرار نموني گم ٿي ويو آهي، ڪٿان به ان جو پتو ناهي پيو، سخت پريشان آهيون، هن چيو ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.