تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ڳيريلو ۾ نينگري زيادتي ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاج

ڳيريلو( ن پ ا )ڳيريلو ۾ زيادتي جو شڪار نينگري ڪونج کوکر جي ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف والدين متاثر نينگري کي ساڻ ڪري باقراڻي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ يار محمد کوکر واسي مينهل کوکر ۽ سندس گهر واري ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته ڏيڍ مهينو اڳ نياڻي ڪونج ڳوٺ جي زميندار شاهد کوکر جي گهران ڪم ڪار ڪري واپس گهر اچي رهي هئي ته رستي ۾ جميل کوکر، جاني کوکر زيادتي جو نشانو بڻايو ڪيس داخل هئڻ باوجود باقراڻي پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري.هنن چيو ته واقعي بعد جوابدارن ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ منهنجي پٽ قربان کوکر کي اغوا ڪرايو، ان ڪيس ۾ جوابدار ڌراحمد جتوئي، مٺل جتوئي۽ سهيل کوکر جيڪو پڻ پوليس اهلڪار آهي هن وقت اسان کي ٻنهي ڪيسن تان هٿ کڻائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.