تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڳاڙهي موري واسي تِتَرَ ڏيڻ جي بهاني گهرائي اغوا ڪيل ٻه دوست بازياب نه ٿي سگهيا: ڌاڙيلن جو مغوي جي وارثن کان 30 لک ڀنگ جو مطالبو

سکر_خيرپور پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوبه قدم ناهي کنيو:وارث

ڌاڙيلن رابطو ڪري نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڳڙي رقم جو مطالبو ڪيو آهي: مدد ڪئي وڃي:وارث

پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پريالوءِ لڳ ڳاڙهي موري واسي ٻن دوستن ڪاشف مهيسر ۽ فهيم احمد شيخ جي بازيابي لاء سکر ۽ خيرپور پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. مغوي دوستن جي وارثن سان ڌاڙيلن رابطو ڪري 30 لک ڀنگ طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. مغوي نوجوانن جي وارث شير مهيسر ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته 12 ڏينهن گذرڻ باوجود خيرپور ۽ سکر پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي ڪابه ڪارراوئي نه ڪئي آهي.هنن چيو ته ڌاڙيلن موبائيل فون تي رابطو ڪري 30 لک روپيه ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندن نوجوانن کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. هنن اعلي اختيارين ۽ وس وارن کان مغوي نوجوانن جي بازيابي جي گهر ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.