تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

ڳائڻن ۽ موسيقارن لاءِ رڪارڊ ليبل جي اهميت ڇت جيان آهي: حديقه ڪياني

اهو الميو آهي جو هتي رڪارڊ ليبلز جو تصور ئي ناهي، نوجوان ڳائڻن کي سامهون آڻڻ جا گهٽ موقعا آهن

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني ڳائڻي حديقه ڪياني چيو آهي ته ڳائڻن ۽ موسيقارن لاءِ رڪارڊ ليبل جي اهميت ڇت جيان آهي جنهن جو سڀ کان وڏو فائدو ان مان ملندڙ معاشي سپورٽ آهي. اها ڳالهه هن هڪ انٽرويو دوران چئي.هن چيو ته پاڪستان ۾ نوجوان ڳائڻن کي سامهون آڻڻ جا موقعا گهٽ آهن ۽ الميو آهي ته هتي رڪارڊ ليبلز جو تصور ئي ناهي. اسان وٽ نئون ڪم ڪرڻ جا انتهائي محدود موقعا آهن ۽ اهڙو ئي هڪ پليٽ فارم ڪوڪ اسٽوڊيو آهي. منهنجي خواهش آهي ته ڪوڪ اسٽوڊيو جهڙا 10 ٻيا پليٽ فارم به هجن جن ۾ نئون ۽ پراڻو ٽيلينٽ اچي ۽ سڀ گڏجي ڪم ڪن. سندس چوڻ هو ته اسان وٽ رڪارڊ ليبل ۽ موسيقي جا حق محفوظ هجڻ گهرجن ۽ هڪ اهڙي ڪمپني هجڻ گهرجي جيڪا اسان جي موسيقي بابت حقن جو تحفظ پاڪستان ۽ پرڏيهه ۾ به ڪري.



Bookmark the permalink.