تازا ترين
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

گھوڙاٻاري ويجهو ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو: مامن هٿان نوجوان ڀاڻج قتل

ڪيٽي بندر( ن پ ا ) گھوڙاٻاري ويجهو ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ نوجوان مارجي ويو. گھوڙاٻاري ٿاڻي جي حد ۾ بڪيرا اسٽاپ وٽ ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو، جنهن دوران لٺيون لڳڻ ڪري 30 سالن جو صديق ملاح مارجي ويو. نوجوان جي قتل بعد ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گهرو اڻبڻت جو نتيجو آهي، مامن هٿان ڀاڻج مارجي ويو آهي، واقعي جي جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.