تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

گھوٽڪي ۾ ٽين شادي ڪندڙ عورت پهرئين مڙس خلاف عدالت پهچي وئي

گهوٽڪي (رپورٽر) گھوٽڪي ۾ ٽين شادي ڪندڙ عورت اڳوڻي مڙس خلاف عدالت ۾ درخواست ڏئي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ کڏ واري جي رهواسڻ مسمات زينب خاتون ڀٽي پنهنجي وڪيل محمد رفيق ڪلوڙ ۽ محمد حنيف چنا معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجي اڳ ۾ شاهد ڀٽي سان شادي ٿيل هئي، جنهن ڪجھه وقت طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو، بعد ۾ مون صدام حسين ڀٽي سان شادي ڪئي، جنهن به طلاق ڏني ته عاشق علي ڀٽي سان شادي ڪئي ۽ ان سان گهر ۾ خوش آهيان، پر اڳوڻو مڙس شاهد ڀٽي مڇرجي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جنهن مان خطرو آهي، اڳوڻي مڙس شاهد ڀٽي خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي. عدالت زينب خاتون ڀٽي جي اهڙي داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي عادلپور پوليس ۽ عورت جي اڳوڻي مڙس کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

Bookmark the permalink.