تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

گھوٽڪي ۾ وڪيلن جون آفيسون خالي ڪرائڻ تان ڇڪتاڻ، اي سي نفري وٺي پهتو، اسٽي لاءِ درخواست

گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گھوٽڪي ۾ وڪيلن جون آفيسون خالي ڪرائڻ تان ٻيهر ڇڪتاڻ ٿي وئي آهي، اي سي نفري وٺي پهتو ته وڪيلن احتجاج ڪيو، اسٽي لاءِ درخواست ڪرائي وئي. ان ڏس ۾ گهوٽڪي شهر ۾ سبزي منڊي جي 52 دڪانن ۾ قائم ڪيل وڪيلن جون آفيسون خالي ڪرائڻ لاء خلاف وڪيل اڳواڻن نادر علي چاچڙ، بشير احمد ملاڻو ۽ ٻين سينئر سول جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته هنن جون آفيسون سرڪاري نه پر پرائيويٽ دڪانن ۾ آهن جن جو هو ڪرايو به ڏيندا آهن پر اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ سي ايم او آفيسون خالي ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن، جيڪا ناانصافي آهي. عدالت سڳوري انصاف ڪري. عدالت اهڙي داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي،اسسٽنٽ ڪمشنر،سي ايم او گهوٽڪي ۽ مختيارڪار کان عدالت 17 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته عدالت ۾ درخواست داخل هئڻ باوجود اسسٽنٽ ڪشمنر وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ لاءِ پوليس نفري ساڻ ڪري پهتو ته وڪيلن جي احتجاج ڪيو، جنهن بعد اسسٽنٽ ڪمشئر واپس روانو ٿي ويو،وڪيل اڳواڻن ڊسٽرڪٽ بار جي صدر صدام چند، بشير ملاڻو، زاهد اقبال، محموب سومرو، جاويد ماڻڪ، وزير علي مهر، ثناءُ الله، جنيد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڪيلن اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻين خلاف احتجاج ڪندي چيو ته انتظاميا وڏيرن جي ونگار وهندي وڪيلن جون آفيسون خالي ڪرائي قبضو ڪرائڻ چاهي ٿي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، اسان جو پهريان ئي عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي انتظاميا خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي ويندي. ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري لياقت علي ملاڻو موجب ته اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي سياسي ماڻهو جي چوڻ تي اسان کي هراسان ڪري آفيسون خالي ڪرائڻ چاهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.