تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

گھوٽڪي ۾ هوٽل تي ڇاپو، نوڪري لاءِ پيسا وٺندي اهلڪار سوگهو، ڪيس داخل

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس جو سول جج سان گڏ هوٽل تي ڇاپو، نوڪري ڏيڻ لاءِ هڪ لک روپيا رشوت وٺندي ايڪسائيز پوليس جو اهلڪار عبدالحميد ميراسي سوگهو، ڪيس داخل، ان سلسلي ۾ سرڪل آفيسر اياز ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته منظور احمد دائودپوٽو جي فرياد تي جديشنل مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ هوٽل تي ڇاپو ھڻي جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي، ھن ٻڌايو ته فريادي منظور احمد دائودپوٽو کان جوابدارن عبدالحميد ميراسي ۽ منظور احمد ڪلوڙ ٻه لک رپيا رشوت وٺي آبپاشي کاتي ۾ 2011 ۾ نوڪري جو آرڊر ڏنو ھو ۽ ھاڻي وري ميڊيڪل لاءِ ھڪ لک رپيا رشوت وٺي رھيو ھو ته ڇاپو ھڻي گرفتار ڪيو ويو آھي، گرفتار جوابدار وٽان ورتل رشوت جا ھڪ لک رپيا به ھٿ ڪيا ويا آھن، سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اياز احمد ميمڻ موجب ته فريادي منظور احمد دائودپوٽو جي فرياد تي ايڪسائيز جي سپاھي عبدالحميد ميراسي ۽ ايڪسائيز جي سپاھي منظور ڪلوڙ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

Bookmark the permalink.