تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

گھوٽڪي ۾ نابين جي گھر تي قبضي خلاف درخواست تي جواب طلب

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي عدالت ۾ اکين کان نابين پيرسن گهر جي جاء تي قبضو ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي، عدالت گهوٽڪي پوليس کان جواب طلب ڪري ورتو آهي، ان ڏس ۾ گهوٽڪي شهر جي انورآباد محلي جي رهواسي اکين کان نابين پيرسن وڪيو ڌانڌو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ پنهنجي وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته هن جي گهر جي جاءِ تي الھ بخش ڌانڌو ۽ ٽي اڻڄاتل جوابدار قبضو ڪري رهيا آهن. قبضو ڪرڻ کان روڪڻ تي ڄاڻايل ماڻهون موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. عدالت سڳوري کي اپيل آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جاءِ تي قبضو ڪندڙ الھ بخش ڌانڌو خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪري. عدالت نابين پيرسن جي اهڙي داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي گهوٽڪي پوليس کان 30 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪندي ڪيس سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

Bookmark the permalink.