تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

گھوٽڪي ۾ قتل ڪيس جا 3 جوابدار ٻن سالن بعد بري

گھوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ ٻن سالن بعد قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي3 ڄڻا باعزت بري ڪري ڇڏيا، ان ڏس ۾ گهوٽڪي جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج طارق ڀٽي جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ ۾ مقتول نثار احمد ڪورائي جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي شروع ٿي ته فريادي نورمحمد ڪورائي جي وڪيل نياز احمد ڪورائي ۽ جوابدارن جي وڪيلن عبدالرحمان ککراڻي ابڙو ۽ فقيرمحمد ٽانوري پيش ٿي پنهنجا دليل مڪمل ڪيا. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد مقتول نثار احمد ڪورائي جو قتل ثابت نه ٿيڻ تي محمد قاسم ڪورائي، مولا بخش ڪورائي ۽ آصف ڪورائي کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته سال 2018 ۾ نثار احمد ڪورائي کي گهوٽڪي باءِ پاس تي لوهي راڊ مٿي ۾ هڻي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي مقتول جي پيءُ نور محمد ڪورائي جي فرياد تي محمد قاسم، مولا بخش ۽ آصف ڪورائي مٿان داخل ڪيو ويو هو.

Bookmark the permalink.