گهوٽڪي (ڪورٽ رپورٽ) گهوٽڪي جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ 7 سالن کانپوءِ قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي 2 ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو آهي. گهوٽڪي جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ طارق ڀٽي جي عدالت ۾ مقتول فرحان سڊ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جوابدارن ۽ فريادي جو وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت فرحان سڊ جو قتل ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي ٻن ڄڻن خدابخش جلباڻي، امير بخش جلباڻي کي باعزت بري ڪري ڇڏيو . واضح رهي ته سال 2012 ۾ ميرپور ماٿيلو ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل ڏهرڪي جي بلوچ ڪالوني جي رهواسي فرحان سڊ جي قتل جو ڪيس خدابخش جلباڻي، اميربخش جلباڻي مٿان ڌڻي بخش سڊ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو.
- هڪ هفتي کان ٻن ٻارن سوڌو گم سجاول جوڻيجو واسڻ عورت جي اغوا جو شڪ ظاهر
سجاول جوڻيجو)ن پ ا) سجاول جوڻيجو جي رھواسڻ ڇھن ٻارن جي ماءُ هفتي کان پراسرار نموني ٻن ٻارن سوڌو گم، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي سندن بازيابي جي اپيل…
- ڊکڻ ڀرسان شرپسندن مبينا طور سارين جي ٽن ديرن کي باهه ڏئي ڇڏي، آبادگار پريشان
ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ڀرسان 25 جريبن جي سارين جي ديرن کي باھ، سوين مڻ ان سڙي رک. زميدار منور علي عيساڻي جي زمين تي پيل سارين جي ٽن…
- ڪوٽڙي: لوڻي ڪوٽ ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽي، حيدرآباد واسي 4 ڄڻا زخمي
ڪوٽڙي (رپورٽر) ايم نائين موٽروي تي لوڻي ڪوٽ ڀرسان 11 نمبر پوليس چوڪي پل ڀرسان ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي نوري آباد اسپتال منتقل…