تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

گھوٽڪي مان اغوا ڄاڻايل ناري پنجاب مان هٿ، عدالت ۾ پيش

گھوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي پوليس اغوا ڄاڻايل هٿ ڪيل ناري ثمرين آرائين ۽ نوجوان شڪيل جويو کي گهوٽڪي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ۾ پوليس ناري جي عمر گهٽ هجڻ جو سرٽيفيڪٽ پيش ڪيو. گهوٽڪي پوليس پاران پنجاب جي شهر بهاول نگر مان هٿ ڪيل گهوٽڪي مان اغوا ڄاڻايل ناري ثمرين آرائين ۽ نوجوان شڪيل جويو کي فرسٽ سول جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ته گهوٽڪي پوليس ناري ثمرين آرائين جي عمر گهٽ هجڻ جو سرٽيفيڪٽ جمع ڪرايو، جنهن ۾ ناري جي عمر 17 سال ٻڌائي وئي آهي. پوليس جي اهڙي رپورٽ جمع ڪرائڻ بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ناري ثمرين آرائين جي عدالت ۾ پيشي دوران والدين سان 5 منٽ ملاقات ڪرائي وئي. واضح رهي ته هفتو اڳ گهوٽڪي شهر جي رحم والي محلي جي رهواسي اڪبر علي آرائين گهوٽڪي ٿاڻي تي شڪيل احمد جويو مٿان ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته هن جي ڌيء ثمرين کي شادي ڪرڻ لاء اغوا ڪري ويو آهي ڪيس داخل ٿيڻ بعد گھوٽڪي پوليس پنجاب جي شهر بهاولپور ۾ ڇاپو ھڻي ناري ثمرين آرائين ۽ نوجوان شڪيل جويو کي گرفتار ڪري ورتو هو،

Bookmark the permalink.