تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

گڊو مان هفتو اڳ اغوا ٿيل ٻن ڀينرن مان هڪ نينگري وجهه وٺي جيڪب آباد ٿاڻي تي پهتي، زيادتي جي تصديق

ماسي جي گھر ويندي 3 جوابدار ڀيڻ سوڌو اغوا ڪري ويا، زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:نينگري

منهنجي ڀيڻ اڃان جوابدارن وٽ آهي (سمعيه) نينگري سان زيادتي ٿي آهي: ڊاڪٽرياڻي

جيڪب آباد (ن پ ا) گڊو مان هفتو اڳ اغوا ٿيل ٻن ڀينرن مان هڪ نينگري وجهه وٺي جيڪب آباد سٽي ٿاڻي پهتي، ميڊيڪل ۾زيادتي جي تصديق، سندس چوڻ آهي ته کيس ٽن جوابدارن اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو. گڊو جي واپڊا ڪالوني مان ٻن ڀينرن 16 ورهين جي عظيمان ۽ 14 ورھين جي سمعيه مبينا طور اغوا ٿي ويون هيون، جن مان هڪ نينگري سمعيه سٽي ٿاڻي تي پھتي، اطلاع تي سندن وارث به پهچي ويا. نينگري پوليس کي بيان ڏيندي چيو ته ھفتو اڳ ماسي جي گھر ويندي 3 جوابدار ڀيڻ سميت اغوا ڪري ويا، جن کيس جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، وجهه وٺي ٿاڻي تي پھتي آھي. اھڙي بيان بعد سٽي پوليس نينگري کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي سول اسپتال اماڻيو، جتي نينگري سان ڏاڍائي جي تصديق ٿي وئي آهي. ايس ايڇ او سٽي لياقت لاشاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نينگري ٿاڻي تي پھتي آهي، جنهن اغوا بعد جنسي ڏاڍائي ٿيڻ جو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي، ڪارروائي ڪئي ويندي. ھوڏانھن نينگري جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي قرت العين شروعاتي رپورٽ ۾نينگري سان زيادتي جي تصديق ڪئي آهي، چيڪ اپ بعد ناري کي گھر اماڻيو ويو. واضح رهي ته هفتو اڳ گڊو ٿاڻي تي نارين جي اغوا جو ڪيس سندن والد جي فرياد تي ٽن جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو هو.

Bookmark the permalink.