تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

گيريلو ۾ پيرسن عورت جو وڏي پٽ جي زيادتين خلاف احتجاج

ڳيريلو (ن پ ا )ڳيريلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇٽل ڪلهوڙو واسڻ پٺاڻي ڪلهوڙو پاڪ ڪتاب کڻي ننڍي پٽ ذيشان سان گڏجي وڏي پٽ صدام ڪلهوڙو خلاف احتجاج ڪندي چيو ته صدام پنهنجي ننڍي ڀاءُ ذيشان ڪلهوڙو کي پنهنجي پيءُ جي 16 ايڪڙ زرعي زمين ۽ لاڙڪاڻو واري جڳھ مان حصو گهرڻ تي تشدد جو نشانو بڻايو آهي، مون کيس چيو ته پنهنجي ڀاءُ کي زرعي زمين توڙي لاڙڪاڻو واري جڳھ مان حصو ڏي پر هو مون تي به ڏمرجي مون کي مارڻ جون الرون ڪري رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته مان هڪ پيرسن عورت آهيان، ۽ منهنجو پٽ منهنجي هڪ به نٿو ٻڌي ۽ هو ٻين جي چوڻ تي لڳي اسان کي سخت پريشان ڪري پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي روزانو تشدد جو نشانو بڻائي رهيو آهي هن وڌيڪ چيو مون اهڙي اين  سي ڳيريلو ٿاني تي داخل ڪرائي آهي،

Bookmark the permalink.