تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

گوڙاڻي ڊيم جي اڏاوت روڪڻ بابت مختيارڪار کان رپورٽ طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گوڙاڻي ڊيم جي اڏاوت روڪڻ بابت درخواست تي اسلام ڪوٽ جي مختيارڪار کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ گوڙاڻو ڳوٺ جي رهواسين ليلا رام ۽ ٻين جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جن ڄاڻايو ته گوڙاڻو ڊيم ۾ ايندڙ زمين اسان جي ملڪيت آهي، تنهنڪري اختيارين کي اُتي ڊيم ٺاهڻ کان روڪيو وڃي. عدالت اهڙي درخواست تي اسلام ڪورٽ جي مختيارڪار کان 14 جنوري تائين زمين جا تفصيل گهري ورتا آهن. درخواستگذار ليلا رام موقف اختيار ڪيو ته گوڙاڻي ڊيم ۾ ڳوٺاڻن جي پنج هزار ايڪڙ زمين شامل ڪئي پئي وڃي. عدالت تفصيلي رپورٽ 14 جنوري تي طلب ڪري ورتي آهي.

Bookmark the permalink.