تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

جي ڊي اي وارن کي پرچائڻ نه آيو آهيان، گئس معاملي تي سنڌ کي جائز حق ڏيارينداسين: گورنر سنڌ جون پيرپاڳاري سان ملاقات بعد ڳالهيون

گورنر عمران اسماعيل ڪنگري هائوس پهچي ناراض اتحادي پيرپاڳاري سميت جي ڊي اي قيادت سان ملاقات ڪئي: اهم اشوز تي ڳالهيون

سنڌ جي عوام جي مفادن ۾ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جو اتحاد جاري رهندو، ملاقات ۾ سنڌ جي بهتري لاءِ ڳالهيون ٿيون: عمران اسماعيل

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) پي ٽي آءِ سرڪار سان ناراض اتحادي جي ڊي اي قيادت سان ملاقات بعد گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته گئس جي معاملي ۾ سنڌ کي جائز حق ڏياريو ويندو، صوبي جي عوام جي مفاد ۾ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جو اتحاد برقرار رهندو. گورنر چيو آهي ته سنڌ جو ورهاڱو قطعي قبول نه آهي، باقي هو ڪنهن کي پرچائڻ نه آيو آهي.
گورنر عمران اسماعيل پارٽي اڳواڻن جي وفد سوڌو ڪنگري هائوس پهچي جي ڊي اي سربراهه پيرپاڳاري ۽ ٻي قيادت سان ملاقات ڪئي. اُن کانپوءِ صدر الدين شاهه ۽ گورنر سنڌ ميڊيا کي گڏيل طور بريفنگ ڏني. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته هو ڪنهن کي پرچائڻ نه آيو آهي، جڏهن ڪير ڪاوڙ ۾ ئي ناهي ته پرچائبو ڪيئن؟ پير پاڳاري دعوت تي گهرايو هو ۽ آئون پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن ڪنگري هائوس هليو ايندو آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ گورنر عمران اسماعيل چيو ته سنڌ جو ورهاڱو پي ٽي آءِ جي ايجنڊا ۾ نه آهي، باقي جِن قومي اسيمبلي ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي، اُهي ڄاڻين. سندن موقف واضح آهي ته سنڌ هڪ هئي، هڪ آهي ۽ هڪ رهندي، سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي.
سنڌ کي گئس جو حق ڏيارينداسين: گورنر
گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ اتحاد هيون ۽ آهن، صدر الدين شاهه سان ملاقات دوران سنڌ جي بهتري ۽ وفاق جي مامرن تي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته گئس، بجلي ۽ پاڻي جي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گئس جي مامري تي سنڌ جي جائز حق لاءِ گڏ آهيون ۽ اُهو حق وٺي رهنداسين. سنڌ جي مفاد ۾ جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جو اتحاد جاري رهندو.
صدر الدين شاهه
اُن موقعي تي ڳالهائيندي صدر الدين شاهه چيو ته جيستائين اسان زنده آهيو، تيستائين سنڌ جو ورهاڱو نه ٿيندو. ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي ۽ صوبي کي ورهائڻ جا خواب ڏسندڻ کي ناڪامي ٿيندي.

Bookmark the permalink.