تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

گهڻي چانهه پيئڻ واري عادت نقصان به ڏئي سگهي ٿي!

ڪراچي (دلچسپ نيوز) پاڪستان ۾ چانهه جي مقبوليت کان انڪار ممڪن ناهي ۽ چانهه سڄي دنيا جي ٻين حصن ۾ به پسند ڪئي وڃي ٿي. مختلف تحقيقي رپورٽس ۾ چانهه پيئڻ جي عادت جي فائدن جو ذڪر ڪيو ويو آهي جن ۾ تماغ جو تحفظ، مخصوص قسم جي ڪينسر، فالج، دل جي مرض ۽ شگر جي خطرن کان بچاءُ شامل آهن. ڪاري يا سائي چانهه سميت مختلف قسمن جي چانهه کي تيار ڪري استعمال ڪيو وڃي ٿو پر جتي چانهه پيئڻ جي عادت جا فائدا آهن اتي هن پسنديده شئي جا ڪجهه نقصان به آهن. مختلف تحقيقي رپورٽن موجب چانهه ۾ ٽينن نالي مرڪب موجود هوندا آهن جيڪي جسم ۾ آئرن جذب ٿيڻ واري عمل کي متاثر ڪري سگهن ٿا. چانهه جي پنن ۾ قدرتي طور تي ڪيفين موجود آهي ۽ ڪيفين جو چانهه يا ڪنهن ٻي شڪل ۾ گهڻو استعمال ذهني بي چيني، بي قراري، بي سڪوني ۽ دٻاءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. چانهه ۾ ڪيفين موجود هجي ٿو جنهن سبب ننڊ پڻ متاثر ٿئي ٿي. چانهه ۾ شامل ڪجهه مرڪبن سبب متلي جي شڪايت به ٿي سگهي ٿي ۽ خاص طور تي جڏهن گهڻي مقدار ۾ استعمال ڪئي وڃي يا خالي پيٽ استعمال ڪئي وڃي. ڪيفين سان سيني ۾ ساڙي جي شڪايت به ٿي سگهي ٿي. ڪيفين جو استعمال مٿي جو سور ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو پر ان جو وڌيڪ استعمال ان جي ابتڙ ٿي سگهي ٿو. وڌيڪ استعمال سان مٿي جو سور پئجي سگهي ٿو. عام طور تي چانهه پيئڻ سبب چڪر ناهن ايندا پر ڪجهه ماڻهو اهڙا ٿين ٿا جن کي وڌيڪ چانهه پيئڻ سبب چڪر پڻ اچي سگهن ٿا.

Bookmark the permalink.