تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

گهڻي برسات جي ڪري اسپتال ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آهي: ايم ايس ماجد منگي

شهر مان گندو پاڻي نيڪال ڪرائڻ پبلڪ هيلٿ کاتي جي ذميواري آهي: ميونسپل چيئرمين

گمبٽ: گمس اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ماجد منگي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته تمام گھڻي برسات پوڻ سبب برسات جو پاڻي اسپتال جي وارڊن ۽ ڊاڪٽرن جي آفيسن ۾ جمع ٿي ويو آهي. ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته پنهنجي مشينن ذريعي برسات ۽ گٽرن جي گندي پاڻي کي نيڪال ڪرايو وڃي. برسات پوڻ سبب او پي بلاڪ، ڊاڪٽر نذير تنيو جو آپريشن ٿريٽر، نيرو سرجري وارڊ، هڏين وارو شعبو، ايم ايس آفيس سميت ٻين ڊاڪٽرن جون آفيسون پڻ پاڻي جي لپيٽ آهن جن مان جلدي برسات جو پاڻي نيڪال ڪرايو ويندو.

گمبٽ: ميونسپل چيئرمين خالد حسين شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شهر مان پاڻي نيڪالي جو سسٽم پبلڪ هيلٿ جي حوالي آهي. پبلڪ هيلٿ وارن کي شهر ۽ا سپتال مان پاڻي نيڪالي لاءِ چيو آهي. جلد پاڻي نيڪال ڪيو ويندو. پبلڪ هيلٿ انتظاميا کي گھرجي ته اهي ڏينهن رات جنريٽر ۽ بجلي وارا موٽر هلائي شهر مان برسات ۽ گندو پاڻي نيڪال ڪرائين.

Bookmark the permalink.