تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

گهوٽڪي ۾ پورهيت نوجوان سرِعام ڏنڊا ۽ سروٽا هڻي قتل: جوابدار سولائيءَ سان فرار ٿي ويا

نيو بس اسٽينڊ وٽ ريڙهي هلائيندڙ نوجوان تي اڻڄاتل جوابدارن حملو ڪيو

پوليس جوابدارن جي فرار ٿيڻ بعد پهتي، ريڙهي هلائيندڙ نوجوان جو لاش وارثن حوالي

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ اڻڄاتل جوابدارن ڏينهن ڏٺي جو پورهيت نوجوان کي ڏنڊا ۽ سروٽا هڻي قتل ڪري ڇڏيو. شهر جي نيو بس اسٽينڊ وٽ اڻڄاتل جوبدارن ريڙهي هلائي پيٽ گذر ڪندڙ پورهيت تي حملو ڪري ڏنو، جنهن دوران سروٽا ۽ ڏنڊا هڻي ريڙهي هلائيندڙ نوجوان گلشير ولد گُل محمد ڪولاچي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهتي ۽ زخمي نوجوان کي گهوٽڪي سول اسپتال منتقل ڪرايو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کيس سکر نيو پئي ويو ته رستي تي ئي فوت زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول نوجوان ڳوٺ چاڪر خان ڪولاچي جو رهواسي هو، پوسٽ مارٽم بعد لاش سندس وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. وارثن طرفان ڪيس داخل ڪرائڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.