تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

گهوٽڪي ۾ ٻٽي قتل جي ٻن جوابدارن کي 2-2 ڀيرا ڦاهيءَ جي سزا: 13 ڊي جي ڪيس ۾ به 7-7 سال ٽيپ

2013ع ۾ ٻن سئوٽن فرمان علي ۽ خان محمد ملاڻو کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو

جوابدار رابيلو ۽ مير ملاڻو کي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌائي وئي

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ ٻٽي قتل ڪيس جي ٻن جوابدارن کي 2 ڀيرا ڦاهيءَ جي سزا ملي وئي آهي. ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ۾ ٻن سئوٽن فرمان علي ۽ خان محمد ملاڻو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس جوابدارن کي پيش ڪيو. عدالت ٻڌڻي بعد فيصلو جاري ڪيو، جنهن موجب ٻٽي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار رابيلو ملاڻو ۽ مير ملاڻو کي 2-2 ڀيرا ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته 5-5 لک رُپيا ڏنڊ به لڳايو ويو آهي. عدالت 13 ڊي جي ڪيس ۾ به ساڳين جوابدارن کي 7-7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.
واضح رهي ته سال 2013ع ۾ جروار ٿاڻي جي حد ۾ سزا مليل جوابدارن فائرنگ ڪري ٻن سئوٽن کي قتل ڪري ڇڏيو هو، وڪيل لياقت ملاڻو جي فرياد تي قتل ڪيس داخل ٿيو.

Bookmark the permalink.