تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

گهوٽڪي ۽ قاضي احمد ڀرسان گهرن جون ڀتيون ڪرڻ سبب نينگر ۽ نينگري فوت

گهوٽڪي/قاضي احمد (نمائندن وٽان) گهوٽڪي ۽ قاضي احمد ۾ ڀتيون ڪرڻ جا واقعا پيش آيا، نينگر ۽ نينگري فوت ٿي ويا، گهوٽڪي شهر ۾ گهر جي ڀِت جي ڪرڻ جي نتيجي ۾ معصوم نينگر نعيم الله دٻجي فوت، نينگر جي وارثن ڀِت جي ملبي مان لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، ڊاڪٽرز طرفان نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق بعد لاش گهر واپس نيو ويو، قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ جادو جاڻو ۾ گهر جي ڀِت ڪرڻ سبب نينگري انيلا جوڻو دٻجي فوت ٿي ويئي، واقعي تي گهر ۾ ڪهرام ۽ علائقي ۾ سوڳ پکڙجي ويو.

Bookmark the permalink.