تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

گهوٽڪي ڀرسان ڇڄڻ ۽ ڀٽا برادري ۾ جهيڙو، 12ڄڻا زخمي

گهوٽڪي (رپورٽر): گهوٽڪي ڀرسان ڇڄڻ ۽ ڀٽا براداري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو، ٻنهي ڌرين جا 12 ڄڻا زخمي، ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي 47 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. گهوٽڪي ويجهو ڊسٽرڪٽ جيل جي رهواسي ڀٽا ۽ ڇڄڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو. جھيڙي دوران لٺيون، سروٽا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ محمد امين ڀٽو، غلام ياسين ڀٽو، غلام نبي ڀٽو، علي اڪبر ڀٽو، محمد ياسين ڇڄڻ، غلام رسول ڇڄڻ، سچل ڇڄڻ،علي نواز ڇڄڻ، شاهه مراد ڇڄڻ سميت ٻنهي ڌرين جا 12ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال گهوٽڪي ۾ داخل ڪرايو ويو، جتان هڪ زخمي غلام نبي ڀٽو جي حالت نازڪ هجڻ سبب سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. گهوٽڪي پوليس سول اسپتال مان ٻنهي ڌرين جي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته ٻنهي ڌرين جي ماڻهون هڪ ٻئي جي گهرن تي هوائي فائرنگ ڪئي ته صورتحال خراب ٿي وئي جنهن بعد ٻنهي ڌرين جي گهرن تي پوليس موبائلون بيهاريون ويون. واقعي جو ڪيس ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي 47 ماڻهون مٿان داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

Bookmark the permalink.