
گھوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي ڀرسان فرسٽ ايئر جو شاگرد پرسرار طور گم، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي بازيابي جي اپيل ڪئي آهي. بي سيڪشن ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ محمد پور جي رهواسي محمود چاچڙ جو 17 سالن جو پٽ ڪاشف محمود چاچڙ گهر اوچتو گم ٿي ويو. سندس ڏاڏي غلام رسول چاچڙ جو چوڻ آهي ته ڪاشف ڳوٺ کان گهوٽڪي ويندي رستي تان گم ٿي ويو، سندس موبائيل فون رستي تان هٿ آيو. شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي، نوٽيس وٺي کيس بازياب ڪرايو وڃي. رابطو ڪرڻ تي بي سيڪشن گهوٽڪي پوليس ٻڌايو ته نوجوان جي گمشدگي جو اطلاع مليو آهي، ڳولا ڪري رهيا آهيون.