تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام علي ڀرسان جهڳي کي باهه: 7 مهينن جو ٻارڙو بابو ولد ڪانجهي ڪولهي سڙي فوت*
  • *ميهڙ ٿاڻي اڳيان جهيڙو: 5 ڄڻا زخمي: ڇڏائڻ ۾ اي ايس آءِ کي به سروٽو لڳي ويو*
  • گوشت ڪيڏانهن ويو؟ ڪراچي ۾ گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ*اڻڄاتل ماڻهو ڪلفٽن ۾ گڏهن جي باقياتي اُڇلي ويا، جاچ ڪريون پيا ته گوشت ڪيڏانهن ويو: پوليس*
  • نئون ديرو: سڱاوتي تڪرار تان سالن هٿان ڀيڻيويو قتل*سئوٽن طاهر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو (نديم ککراڻي) پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو*

گهوٽڪي ڀرسان فرسٽ ايئر جو شاگرد پراسرار نموني گم، اغوا جو شڪ

گھوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي ڀرسان فرسٽ ايئر جو شاگرد پرسرار طور گم، وارثن اغوا جو خدشو ظاهر ڪندي پوليس کي اطلاع ڪري ڇڏيو، گهوٽڪي ڀرسان بي سيڪشن ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ محمد پور جي رهواسي محمود چاچڙ جو نوجوان 17 سالن جي پٽ 11 ڪلاس جو شاگرد ڪاشف محمود چاچڙ پنهنجي گهر کان گهوٽڪي ايندي رستي کان گم ٿي ويو سندس وارثن ڏاڏي غلام رسول چاچڙ جو چوڻ آهي ته پوٽي ڪاشف محمود چاچڙ جو موبائل فون روڊ تي پيل مليو آهي جڏهن ته هن وقت تائين سندس ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي ۽ اهڙو اطلاع بي سيڪشن گهوٽڪي ٿاڻي تي ڪيو ويو آهي رابطو ڪرڻ تي بي سيڪشن گهوٽڪي پوليس ٻڌايو ته نوجوان جي گمشدگي جو اطلاع مليو آهي ڳولا ڪري رهيا آهيون.



Bookmark the permalink.