تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

گهوٽڪي ڀرسان عورت تي ساهرن جو مبينا تشدد، اسپتال داخل

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان قادرپور شهر جي شيخ محلي جي رهواسڻ عورت آمنه خاتون شيخ سول اسپتال گهوٽڪي ۾ صحافين کي ٻڌايو ته هن مٿان مڙس واجد شيخ، ساهورو احمد شيخ ۽ ڏيرن جاويد شيخ، اسد علي شيخ جسم جي هيٺين حصي تي تشدد ڪري بيهوش ڪرڻ بعد والدين جي گهر ٻاهران ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا آهن هنن اهڙي واقعي جي رپورٽ حد جي ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن مٿان داخل ڪرائي آھي پر گهوٽڪي پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪري ۽ جوابدارن مان جان کي خطرو آهي تشدد جو شڪار ٿيل عورت آمنه خاتون شيخ والده ارباب خاتون شيخ ۽ ٻين گهرڀاتين سان گڏجي احتجاج ڪندي ايس ايس پي گهوٽڪي کان ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي گهوٽڪي پوليس ٻڌايو ته اها اسان جي نه پر بي سيڪشن ٿاڻي جي حد آهي.

Bookmark the permalink.