تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

گهوٽڪي ٿاڻي تان هٿ آيل نوجوان تي عورت جي اغوا جو ڪيس ظاهر

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ٿاڻي تي عدالتي ڇاپي دوران هٿ آيل باندي بڻايل نوجوان کي گهوٽڪي پوليس جعفرآباد بلوچستان ٿاڻي تي هڪ ڪيس ۾ ظاهر ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او گهوٽڪي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ پيش ٿي لکت ۾ جواب داخل ڪرايو ته گرفتار ڪيل نوجوان عمران علي چاچڙ مٿان بلوچستان جي جعفرآباد ٿاڻي تي عورت جي اغوا جو ڪيس داخل ٿيل آهي، جنهن ۾ هو پوليس کي گهربل هو ۽ بلوچستان پوليس گهوٽڪي پهچي ان کي کڻي وئي آهي،
واضح رهي ته گهوٽڪي شهر جي اسٽيشن پاڙي جي رهواسي مسمات نسرين خاتون موقف اختيار ڪيو هو ته هن جي پٽ عمران علي چاچڙ کي اي سيڪشن گهوٽڪي پوليس گهر تي چڙهائي ڪري ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو آهي، عدالتي ڇاپي بعد نوجوان عمران علي لاڪپ ۾ موجود هو.

Bookmark the permalink.