گهوٽڪي (رپورٽر ) گهوٽڪي پوليس ٿاڻي تي پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي، گذريل رات گشت دوران هٿ ڪيل عورت کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪرڻ بداران چاهيندڙ اهلڪار حوالي ڪري ڇڏيو، گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد جمن کوسي ٿاڻي تي پنهنجي عدالت لڳائيندي عورت شبنم عرف شبو شيخ کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدران مبينا طور تي رشوت عيوض چاهيندڙ پوليس اهلڪار جهانگير چانڊيو حوالي ڪري ڇڏيو. گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي عورت شبنم عرف شبو شيخ روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هو چاهيندڙ پوليس اهلڪار جهانگير چانڊيو سان گڏ وڃڻ چاهي ٿي ان حوالي سان ايس ايڇ او اي سيڪشن گهوٽڪي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شبنم شيخ جو نڪاح پوليس اهلڪار جهانگير چانڊيو سان ٿيل آهي تنهن ڪري عورت شبنم شيخ کي پوليس اهلڪار جهانگير چانڊيو حوالي ڪيو آهي عدالت ۾ ڇاجي ڪري پيش ڪريون ها بس مالڪ کي پنهنجي گهرواري ملي جان ڇٽي.
- ٿرڙي محبت ويجهو ٻٽ ٻڌل جوابدار پاران معصوم نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش
راڌڻ(ن پ ا) ٿرڙي محبت ويجهو معصوم نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش. ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ڪنڊيور مان موٽرسائيڪل سوار مبينا طور 8 سالن جي ٻارڙي…
- آصف زرداري ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڳوڻو صدر ۽ پ پ جو ڪوچيئرمين آصف علي زرداري خانگي اسپتال ۾ داخل ٿي ويو. آصف علي زرداري پنهنجي گهر کان اسپتال منتقل ٿيو، جتي ڊاڪٽرن پاران ابتدائي…
- حڪومت پوليو تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام: سنڌ ۾ پوليو جا وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر، هلندڙ سال انگ 16 ٿي ويو
ڪراچي/حيدرآباد/ميرپور(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ پوليو وائرس تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر، هلندڙ سال سنڌ اندر پوليو ڪيس جو انگ وڌي 16 ٿي ويو. پوليو جا 2 ڪيس…