تازا ترين
  • *قاضي احمد ۾ پوليس طرفان لاڪ ڊائون جي مبينا ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ هڪ عطائي ڊاڪٽر گرفتار*
  • *سکر جَي جهنگلي جيوت کاتي طرفان گهوٽڪي فيڊر ۽ رائيس ڪئنال ۾ لهي ويل 2 انڌيون ٻلهڻيون پڪڙي واپس سنڌو درياهه ۾ ڇڏيون ويون*
  • جيڪب آباد: ڳوٺ غلام صابر کوسو ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي، هڪ ٻارڙو فوت، ٻيو زخمي
  • *ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ ميرس ڀرسان باهه لڳڻ سبب ٽن پورهيتن جا گهر سڙي ويا * ديهھ 282 ۾ باهه سبب محمد صالح شيخ، نديم ۽ مير محمد شيخ جي گهرن ۾ پيل اناج به سڙي رک *
  • *ڳڙهي خيرو: ڳوٺ پٺاڻ لهر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل *جوابدار جاويد لهر پنهنجي سئوٽ ليلان ۽ نوجوان فقير محمد لهر کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو*
  • *ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪري مسافرن کي کڻي ويندڙ 51 گاڏيون پوليس قبضي ۾ وٺي ڇڏيون، ڊرائيورن تي ڪيس داخل *29 ڊرائيورن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا،گاڏين ۾ سوار مسافرن کي ڇڏيو ويو*
  • **پڊعيدن: نصرت ڪئنال مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش ھٿ **
  • *سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻارن ۽ عورتن سوڌو 12 زخمي*
  • *ٻانڌيءَ ويجهو سبزي کڻڻ لاءِ ويندڙ ٽرڪ اونڌي، 5 مزدور زخمي*
  • *ميهڙ ڀرسان عورت آپگهات جي ڪوشش دوران معصوم پٽ ماري ڇڏيو*
  • *رليف ڪميٽي طرفان گهرن تائين راشن پهچائڻ لاءِ مقامي نمائندن، عالمن ۽ استادن کان مدد وٺڻ جو فيصلو: عوام کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل * اُميد آهي ته وفاق سياست بدران رليف جي معاملي ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندو، عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: امتياز شيخ *
  • *عالمي بئنڪ پاران ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان لاءِ 238 ملين ڊالرز جي امداد منظور * ورلڊ بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽرز پاران پاڪستان لاءِ امداد جي منظوري ڏني وئي * ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان 200 ملين ڊالرز ۽ طبي اوزارن ۽ سامان لاءِ اضافي 38 ملين ڊالرز منظور*
  • *ميرپورماٿيلو تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت: ڪورونا وائرس جي 2 مريضن کي ڊي ايڇ او اسپتال ڇڏيو ويو*
  • ** قمبر ۽ دادو ضلعن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهينءَ وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ، فصلن کي نقصان، بجلي بند * جوهي:کيرٿر تي برسات کان پوءِ نئين گاج 5 فوٽ وھي آئي، ڪاڇي جا مختلف واهه به ڀرجي ويا**
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 53 هزار 238 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا*

گهوٽڪي : پرڻوڪندڙ جوڙي کي ڌار ڪيو ويو، پوليس پاران تصديق

عبدالشڪور مھر ۽ ستارا مھر کي زبردستي ڌار ڪري ڀوتارن حوالي ڪيو ويو

نوجوان کي چاچي گهرائي ناري سردار حوالي ڪئي، عبدالشڪور بابت خبر نه پئي

ميـرپورماٿيـلو (رپورٽ: مشتاق ميراڻي) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي مھر ۾ ڏيڍ مھينو اڳ گھران نڪري راولپنڊي جي عدالت ۾ پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان عبدالشڪور مھر ۽ سندس زال ستارا مھر کي زبردستي ڌار ڪري ڀوتارن حوالي ڪيو ويو آھي. ٻڌايو پيو وڃي ته جوڙي کي نوجوان عبدالشڪور مھر جي چاچي ريٽائرڊ مختيارڪار دوکي سان واپس گھرايو ۽ بعد ۾ زبردستي جوڙي کي ڌار ڪري ناري کي سردار جي منشي حوالي ڪيو، جڏھن ته نوجوان بابت ڪا به خبر نه پئجي سگھي آھي ته ھو ڪٿي آھي, خدشو ظاھر ڪيو پيو وڃي ڌار ڪيل جوڙي کي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪيو ويندو. نوجوان عبدالشڪور مھر ۽ مسمات ستارا مھر جي پسند پرڻي لاءِ گھران نڪرڻ کانپوءِ ٻنھي ڌرين جي مائٽن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي، جنهن تي نوجوان جو گھر ڊاھي پٽ ڪيو ويو ھو، ان کان علاوه نوجوان عبدالشڪور مھر سندس ڀاءُ عبدالغفور مھر ۽ صدام سومرو خلاف ناري جي اغوا جي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪرائي وئي, جنهن سبب جوڙي ڪي پي ڪي جي شھر نوشھر وڃي پناھ ورتي ھئي ۽ ٻه ڏينهن اڳ کين اھو چئي واپس گھرايو ويو ته توھان جو عدالت ۾ بيان ڏياري سرچاءُ ڪرائي ڳوٺ ۾ رھايو ويندو ۽ کين ڪير ڪجهه به نه چوندو .اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او طفيل ڀٽو جوڙي کي زبردستي ڌار ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته اسان کي به اھڙو اطلاع مليو آھي ته ناري ستارا مھر ۽ نوجوان عبدالشڪور مھر کي گم ڪيو ويو آھي، ھن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رھيا آھيون ته جوڙي کي ھٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيون.

Bookmark the permalink.