تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا

ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت

اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي عدالت ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ واري ڪيس ۾ ضمانتي درخواست رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا. ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين اصغر علي شاهه ۽ اڪائونٽنٽ رڪارڊ چوري واري ڪيس ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ گڏيل درخواست داخل ڪرائي. عدالت درخواست رد ڪندي ريمارڪس ۾ چيو ته ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ تي آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي، تنهنڪري سيشن ڪورٽ ان ڪيس ۾ ضمانت نٿي ڏئي سگهي، اوهان اينٽي ڪرپشن عدالت سان رجوع ڪريو. ضمانت واري درخواست رد ٿيئڻ بعد سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي عدالت مان فرار ٿي ويا. ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ چيف ميونسپل آفيسر نادر شاهه امروٽي گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو، ڪيس ۾ فرديادي موقف اختيار ڪيو ته چيئرمين اصغر شاهه، اڪائونٽنٽ محبوب ڪولاچي ٻن اڻڄاتل ساٿين سان گڏجي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪري فرار ٿي ويا.

Bookmark the permalink.