
گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي مان اغوا ڄاڻايل هندو ناري مسلمان ٿيڻ بعد پسند جي شادي ڪري ورتي، عدالت بيان بعد ناري کي ضمانتي بانڊز عيوض مڙس حوالي ڪري ڇڏيو. سول جج گهوٽڪيءَ ۾ ناري صائمه ڀيل وڪيل سان گڏ پيش ٿي، جتي بيان ڏيندي ناري چيو ته کيس ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي، هُن رضا خوشيءَ سان مسلمان ٿي نياز دايو سان شادي ڪئي آهي، اسلام قبولڻ کانپوءِ سندس نئون نالو فرزانه رکيو ويو آهي. ناري عدالت ۾ بيان ڏنو ته هوءَ مڙس سان گڏ رهڻ گهري ٿي. عدالت بيان بعد ناري کي 5 لک رُپين جي ضماندي بانڊز عيوض مڙس حبيب الله دايو حوالي ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ناري صائمه جي اغوا جو ڪيس نياز دايو، شيزان دايو ۽ ببلو دايو مٿان داخل ڪيو ويو هو، اُن کانپوءِ پوليس شيزان دايو ۽ ببلو دايو کي گرفتار ڪيو.