تازا ترين
  • حڪومت ٻڌائي ته بزرگ شهرين کي ڪهڙيون سهولتون مليون؟سنڌ جي هر ضلعي ۾ اولڊ ايج هومز ٺاهڻ ۽ بزرگ شهرين کي طبي سهولتون ڏيڻ جو حڪم*سنڌ سرڪار اولڊ ايج هومز ٺاهڻ لاءِ گهربل فنڊز جاري ڪري: سنڌ هاءِ ڪورٽ بزرگ شهرين لاءِ طبي سهولتون يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو*بزرگ شهرين کي سندن قانون جو به پتو ناهي: عدالت طرفان قانون تي عمل لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ ۽ شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم*
  • لاهور اسپتال تي حملي ۾ گرفتاريون: پنجاب ۾ وڪيلن جي هڙتال*پنجاب بار ڪائونسل جي سڏ تي سموري صوبي ۾ وڪيلن جي هڙتال، مظاهرا ۽ ريليون*

گهوٽڪي: عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل 2 ڄڻا بازياب

11 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل راڻيپور واسي ٻنهي مغوين کي مقابلي بعد بازياب ڪرايو ويو آهي: گهوٽڪي پوليس

گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي پوليس عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل راڻيپور واسي ٻن ڄڻن کي مقابلي دوران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي ڪچو ٻنڊي ٽو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سومر جاگيراڻي ڀرسان ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي ته هٿياربندن سان مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هٿياربند ٻن مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته بازياب ٿيلن جي سڃاڻپ عبدالصمد هڪڙو ۽ غلام اڪبر راڄپر جي نالن سان ٿي آهي، جيڪي راڻيپور جا رهواسي آهن، جن کي 11 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکائي گهوٽڪي باءِ پاس وٽان اغوا ڪيو ويو هو.

Bookmark the permalink.