تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

گهوٽڪي شهر ويجهو خانڳڙهه واسي 2 ڄڻا پراسرار نموني گم، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي پوليس کي اطلاع ڏئي ڇڏيو

منهنجو ڀاءُ ڊائيور سان گڏ ڪار وڪرو ڪرڻ گهوٽڪي ويو، ٻئي واپس ناهن آيا: عبدالحفيظ مهر

ٻنهي جي موبائيل فون نمبرز جي آخري لوڪيشن گهوٽڪي ڀرسان هڪ ڳوٺ وٽ نظر آئي: پوليس

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي شهر ويجهو خانڳڙهه واسي 2 ڄڻا پراسرار گم، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي بازيابي جي اپيل ڪئي آهي. خانڳڙهه جي رهواسي عبدالحفيظ مهر اي سيڪشن گهوٽڪي ٿاڻي تي پهچي اطلاع ڪيو ته سندس ڀاءُ محمد حنيف مهر صبح ڌاري پنهنجي ڊرائيور عبدالحليم ملڪ سان گڏ ڪار وڪرو ڪرڻ لاءِ گهوٽڪي شهر آيو، پر هيل تائين ٻئي واپس نه موٽيا آهن، ٻنهي جا موبائيل فون نمبر به بند ملي رهيا آهن، شڪ آهي ته ٻنهي کي اغوا ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته، گم ٿيل ٻنهي جي موبائيل نمبر جي آخري لوڪيشن گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ ولو مهر شگر مل وٽ نظر آئي آهي.

Bookmark the permalink.