تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

گهوٽڪي جي غلام محمد مهر شگر ملز مان ڌوٻي جي نالي تي 12 ارب 78ڪروڙ 71لک کان وڌيڪ جي خريداري ڪرڻ جو انڪشاف

ٽيڪس ڀرڻ لاءِ ايف بي آر پاران اماڻيل نوٽيس ڏسي پورهيت رميش ڪمار جون وايون بتال

گهوٽڪي ( رپورٽر) سردار غلام محمد مهر شگرملز ۾ ڌوٻي طور ڪم ڪندڙ پورهيت رميش ڪمار جي نالي تي 12 ارب 78ڪروڙ 71لک 45هزار 355 روپين جي خريداري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ايف بي آر پورهيت رميش ڪمار ڏانهن ٽيڪس پيارڻ جو نوٽيس موڪليو ته پورهيت نوٽيس ڏسڻ سان سندس پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. پورهيت رميش ڪمار سال 2009 ۾ غلام محمد مهر شگرملز ۾ ڌوٻي طور ڀرتي ٿيو هو، ايف آءِ اي پاران موڪليل ليٽر موجب پورهيت سال 2015 کان سال 2019 تائين غلام محمد شگرملز مان تمام وڏي مقدار ۾ خريداري ڪئي آهي. پورهيت کي 19آڪٽوبر تي ايف بي آر جي ڊپٽي ڪمشنر سکر جي آفيس ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. پورهيت جو چوڻ آهي ته هن سال 2018 دوران شگر ملز جي نوڪري ڇڏي هئي کيس ايف بي آر طرفان مليل نوٽيس موجب خبر پئي ته هن 12 اربن کان وڌيڪ کنڊ خريد ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.