تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

گهوٽڪي اسپتال ۾ ماسڪ وٺڻ ويل وڪيل کي مبينا ڌمڪيون

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي وڪيل سول اسپتال گهوٽڪي جي ايم ايس خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، عدالت اڄ ايم ايس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، گهوٽڪي بار جي وڪيل شوڪت دادپوٽو پنهنجي وڪيل معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته هو پنهنجي وڪيلن سان گڏجي ماسڪ وٺڻ لاءِ سول اسپتال گهوٽڪي جي ايم ايس ڊاڪٽر ارباب علي ملڪ ڏانهن ويو ته ان ماسڪ ڏيڻ بدران پسٽل ڏيکاري ڌڪا ڏئي اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو ۽ چيو ته اوهان ماسڪ وڃي صوبائي وزير اڪرام ڌاريجو کان وٺو، مون وٽ ناهن. عدالت سڳوري انصاف فراهم ڪري گهوٽڪي جي عدالت وڪيل جي اهڙي داخل درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي سول اسپتال گهوٽڪي جي ايم ايس ڊاڪٽر ارباب علي ملڪ کي اڄ عدالت ۾ طلبي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي،

Bookmark the permalink.