تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

گهوٽڪيءَ ويجهو سماجي ڪارڪن عورت لٺيون هڻي زخمي

گهوٽڪي (رپورٽر): ”ٻاهر ڇو ٿي نڪرين“ روڪڻ باوجود اين جي اوز ۾ ڪم ڪرڻ تان بااثرن سماجي ڪارڪن عورت کي لٺيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. گهوٽڪيءَ ڀرسان ڳوٺ محمد پور جي رهواسڻ اين جي اوز ۾ ڪم ڪندڙ عورت زاهده ميراڻي مٿان علائقي جي بااثرن لطف الله ميراڻي، عاشق ميراڻي ۽ ٻين حملو ڪري لٺيون هڻي زخمي ڪري وڌو. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي متاثر عورت مسمات زاهده خاتون ميراڻي روزاني پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته هو عورتن جي حقن لاء ڪم ڪندي آهي، جيڪو برادري جي ماڻهون کي سٺو نٿو لڳي. هنن گذريل ڏينهن حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو آهي پر بي سيڪشن گهوٽڪي پوليس حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري. جوابدارن مان حياتي کي خطرو آهي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي بي سيڪشن گهوٽڪي پوليس ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين جو زمين تي تڪرار هلندڙ آهي ۽ زخمي عورت زاهده ميراڻي پوليس وٽ ناهي آئي. آئي ته حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.