تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

گهارو ڀرسان 12 سال اڳ گم ٿي ويل 2 ڀينرون گهر پهتيون: خوشي جي لهر

ڳوٺ ڪارو مير بحر مان 2009 ۾ 5 سالن جون ٻه ڀيڻون ماريا ۽ زرينا ملاح گم ٿيون هيون

گمشدگي جي ايف آءِ آر داخل ٿي، نياڻيون نه ملڻ جي صدمي ۾سندن پيءُ فوت ٿي ويو هو

گھارو(رپورٽ: فهد مصطفي’ جوکيو) گهارو ڀرسان 12 سال اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل 2 ناريون وارثن کي ملي ويون.ان ڏس ۾ ڳوٺ ڪارو مير بحر مان 2009 ۾ 5 سالن جون ٻه ڀيڻون ماريا ۽ زرينا ملاح بس ۾ سوار ٿي ڪراچي روانيون ٿيون ته شهرين کي هٿ آيون، جن کين ايڌي سينٽر حوالي ڪيو، سندن گمشدگي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي، جڏهن ته نياڻين جي وڇوڙي جي ڏک ۾ سندن پيءُ صدمي ۾ فوت ٿي ويو. 17 سالن کانپوءِ ايڌي سينٽر عملدار ماريا ۽ زرينا ملاح کي وٺي ڳوٺ پهتا ته گهر ۾ خوشي جي ماحول ٿي ويو، جڏهن ته ڀينرون پيءُ جي وڇوڙي تي لڙڪ لاڙي ويٺيون. زرينه ۽ ماريا ٻڌايو ته 12 سالن بعد گهر پهتيون آهيون.

Bookmark the permalink.