تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

گمبٽ ۾ اڄڻ مائينر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

گمبٽ (ن پ ا) ڊرٻ ميهر شاه جي اڄڻ مائينر ۾ پاڻي جي هٿراڌو کوٽ ۽ شاخ جي شروعات ۾ بااثرن جا لڳل غيرقانوني دڪا ۽ پائيپ ختم نه ٿيڻ خلاف مظاهرو ڪيو. آبادگارن ساجد علي، اسد الله ، محمد پنجل ، نثار احمد ، عزيز اڄڻ ،ممتاز اڄڻ جي اڳواڻي ۾ ڊرٻ ميهر شاھ گمبٽ کهڙا لنڪ روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. آبادگارن جو چوڻ هو ته اڄڻ مائينر ۾ هٿراڌو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي آهي ۽ منڍ ۾ ڪيترن ئي بااثر آبادگارن پاران غيرقانوني دڪا پائيپ لڳائي زرعي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن. جنهن سبب پڇڙي تائين پاڻي نٿو پهچي ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل سڪي تباھ ٿي رهيا آھن، ڪيترائي ڀيرا ايريگشن آفيسرن کي پاڻي چوري جون لکت ۾ شڪايتون ڪيون آھن پر ڪو به عمل نٿو ٿئي، احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته اڄڻ مائينر مان غيرقانوني پاڻي چوري روڪرائي پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائي فصلن جي نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.