تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

گمبٽ ۾ وحشي صفت جوابدار ٻارڙَي کي بدفعلي جو نشانو بڻائي زخمي ڪري ڇڏيو، الزام هيٺ آيل جوابدار سوگهو

پٽ شئي وٺڻ لاءِ گهران نڪتو ته جوابدار کيس کنڀي بدفعلي جو نشانو بڻايو: پيءُ

نينگر جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو، جوابدار قادر بخش ناريجو گرفتار

گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ پوليس معصوم نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ الزام هيٺ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. غريب آباد پاڙي واسي شخص باسط علي جتوئي سٽي ٿاڻي تي پهچي الزام هنيو ته سندس معصوم پٽ کي جوابدار قادر بخش ناريجو بدفعلي جو نشانو بڻايو، هن الزام هنيو ته سندس پٽ شئي وٺڻ لاءِ گهران نڪتو ته جوابدار کيس کنڀي زيادتي جو نشانو بڻايو، جنهن سبب معصوم زخمي ٿي پيو آهي. پوليس ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ ليٽر ڏئي نينگر کي اسپتال منتقل ڪرايو، نينگر جا جزا وٺي روهڙي اماڻيا ويا. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته رپورٽ اچڻ ۾ هڪ 2 ڏينهن لڳندا، جنهن بعد نينگر سان بدفعلي ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت تصديق ٿي سگهندي. پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار قادر بخش ناريجو کي گرفتار ڪري ورتو.

Bookmark the permalink.