تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

گمبٽ ڀرسان مختلف ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ويجهو مقابلي بعد مختلف ڪيسن ۾گهربل ڏوهاري کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن. کهڙا پوليس موجب ڪليري ڳوٺ وٽ کهڙا لنڪ روڊ تي جوابدار ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هئا، ڳجهو اطلاع ملڻ تي پوليس پهتي ته هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو. پوليس موجب هٿياربندن سان فائرنگ جي ڏي وٺ بعد مختلف ڪيسن ۾ گهربل هڪ ڏوهاري زاهد ڪليري کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڏوهاري جي قبضي مان هڪ پسٽل، گوليون ۽ 2 موبائيل فون هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس موجب گرفتار جوابدار زاهد ڪليري مختلف ڪيسن ۾گهربل آهي، جوابدار کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.