تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

گمبٽ ڀرسان بااثرن پاران زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاج

گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ ڀر سان ڳوٺ محمد صالح اڄڻ ۾ بااثرن پاران زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف اڄڻ برادري جي ماڻهن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان ڏس ۾گمبٽ ڀرسان ڳوٺ محمد صالح اڄڻ ۾ بااثر فقير محمد ناريجو ۽ بلڊر رضا محمد مري پاران زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف اڄڻ برادري جي ماڻهن منظور اڄڻ، حامد اڄڻ، غلام رسول، محمد اسماعيل اڄڻ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته زمين اسان جي آهي زمين جو سول ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ آهي بااثر فقير محمد ناريجو ۽ بلڊر رضامحمد مري قبضي جي ڪوشش ڪندي زمين تي ڏوهاري قسم جا ماڻهو ويهاري رهيا آهن جنهن سان علائقي ۾ خونريزي جو خدشو آهي ۽ گمبٽ پوليس بااثرن جي ونگار وهندي 12 ڏينهن اڳ اسان ٻن ڄڻن کي پوليس کنڀي گم ڪيو هو ۽ 6 ڏينهن اڳ پوليس ٻن ڄڻن الهرکيو عرف ڪروڙو اڄڻ ۽ شيرخان اڄڻ تي ڀتي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي. احتجاج ڪندڙن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي گرفتار ڪري داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.