تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

گمبٽ: ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: عورت فوت، نينگري سميت 3 زخمي

گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ ڀرسان موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ ٽڪر، هڪ عورت فوت ٿي وئي، نينگري سميت 3 ڄڻا زخمي. ڳوٺ ڇوڏاهو وٽ درگاهه اڀن شاه تي سکان ڏئي گهر موٽندڙ موٽر سائيڪل سوارن سان حادثو پيش آيو، ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪر سبب ڳوٺ مهرن جو دڙو واسي عورت مجاهدان شيخ ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته معصوم نينگري جويه شيخ سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڳوٺاڻن کڻي گمبٽ اسپتال پهچايو. جتان عورت جو مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.