تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

گمبٽ شهر ۾ حددخلين خلاف آپريشن، دڪا ۽ ڇاپرا ڊاهي پٽ

گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ ۾ انڪروچمينٽ خلاف ايڊمنسٽريٽر ۽ سي ايم او جي اڳواڻي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ساڻ ڪري آپريشن ڪيو ويو. ڪيترن ئي دڪان اڳيان ٺهيل ڇپرا ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪيا ويا. ان ڏس ۾ گمبٽ ۾ وڌندڙ حد دخلين کي هٽائڻ لاءِ ايڊمنسٽريٽر اقبال حسين جنڊاڻ ۽ سي ايم او شهريار کرل جي حڪم تي اسسٽنٽ مختيارڪار غلام الله سروهي اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ساڻ ڪري گمبٽ قومي شاهراهه کان وٺي غريب آباد تائين حددخلين کي هٽايو ويو. حددخليون ڪندڙ دڪاندارن جا اينٽي انڪروچمينٽ پوليس دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. ڪيترن دڪاندارن جو ٻاهر پيل سائين بورڊ، سندل ۽ ٻيو سامان ضبط ڪيو ويو. هوڏانهن دڪاندارن جو چوڻ هوته انتظاميا صرف غريبن جا ڇپرا هٽرائي ۽ دڪا ڊاهي نقصان ڪري رهي آهي بااثرن جا دڪا هٽائڻ لاءِ ڪو به تيار نه آهي. انڪروچمينٽ هٽائي سڀني سان هڪجهڙو انصاف ڪيو وڃي. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ٻڌايو ته شهر ۾ وڌندڙ حد دخلين خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيو آهي. اسٽيشن روڊ، راڻيپور روڊ، ڀٽائي چوڪ سميت مختلف هنڌن تان انڪروچمينٽ کي هٽرايو ويو آهي ۽ ٻاهر پيل سامان ضبط ڪيو آهي انڪروچمينٽ ڪندڙ دڪاندارن کان معافي نامه وٺڻ بعد ڏنڊ وصول ڪري سامان واپس ڪيو ويندو ۽ روزانه جي بنياد تي شهر مان انڪروچمينٽ هٽائي شهرين کي صاف سٿرا رستا مهيا ڪيا ويندا ته جيئن شهري رش کان بچي سگهن.

Bookmark the permalink.