تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

گمبٽ جي جوڙي خيرپور ۾ پسند جي شادي ڪري ڇڏي: تحفظ جي گهر

خيرپور (رپورٽر) گلو سيال جي جوڙي خيرپور ۾ عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو، گمبٽ جي علائقي گلو سيال جي رهواسڻ نوجوان ناري مسمات هير ڌيءَ شاهنواز منگي ۽ نوجوان الطاف حسين ولد علي مراد منگي خيرپور جي عدالت مان اجازت بعد پسند جي شادي ڪري ورتي، پرڻي بعد جوڙو پريس ڪلب پهتو، ناري مسمات هير منگي صحافين کي ٻڌايو ته پسند جي شادي ڪرڻ تان مائٽ اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن، قتل جون تياريون ڪري رهيا آهن ، دربدر آهيون، تحفظ ڏنو وڃي.

Bookmark the permalink.