تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

گمبٽ جي اسپتال ۾ ڪاري ڪامڻ جي علاج لاءِ داخل ڪرمپور واسي پورهيت ڪورونا وگهي فوت

گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي اسپتال ۾ ڪاري ڪامڻ جي علاج لاءِ داخل ڪرمپور واسي پورهيت ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي ويو آهي. پورهيت عبدالستار بجاراڻي کي هيپاٽائٽس جي علاج لاءِ گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي اسپتال انتظاميه علاج کان اڳ سندس ڪورونا ٽيسٽ لاءِ جزا ورتا، رپورٽ اچڻ کان اڳ متاثر فوت ٿي ويو. وارث فوتي جو مڙھ ڳوٺ اصغر علي بجاراڻي کڻائي آيا، جنهن جي تدفين اڃا ٿيڻي هئي ته پورهيت عبدالستار بجاراڻي جي ڪورونا وائرس جي رپورٽ پازيٽو اچي وئي، جنهن بعد سندس تدفين ايس او پيز تحت ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.