تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

گل شمع سنگسار وارو ڊرامو تيل ڪمپني کان مراعتون حاصل ڪرڻ جي جنگ آهي: ذريعا

بااثر پاڻ کي ڪمپني جي مراعتن جو وڌيڪ حقدار ثابت ڪرڻ چاهين ٿا: علائقي واسي

علائقي ۾ ڪاروباري مفاد رکندڙ هڪ صحافي به سرگرم رهيو، آءِ جي آفيس مقامي پوليس کان ڪيس داخل ڪرايو

حيدرآباد (خاص نمائندو) بنيادي انساني ضرورتن کان وانجهيل پر قدرتي وسيلن سان مالامال ڪاڇي جي علائقي واهي پانڌي ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل معصوم نياڻي گل شمع جي حادثاتي موت جي واقعي کي سنگسار قرار ڏيڻ واري ڊرامي جي پويان تر جي بااثر ڌرين وچ ۾ علائقي ۾ تيل ۽ گيس جي ڪمپني کان وڌ ۾ وڌ مراعتون وٺڻ لاءِ هلندڙ تڪرار سامهون آيو آهي. علائقي جي باخبر ماڻهن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته تر جي بااثر ڌرين ۾ علائقي ۾ پنهنجو اثر وڌيڪ ثابت ڪري ڪمپني آڏو وڌيڪ مراعتن جو “حقدار” پاڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ گذريل ڪيترن ئي سالن کان هڪ ٻئي سان جهيڙا هلندڙ آهن، پر هن ڀيري ان تڪرار جو شڪار معصوم گل شمع جا مائٽ بڻيا، جن کي پنهنجي فوت ٿيل ڌيءُ جي قبر ڪشائي جي اذيت ۽ لاڪ اپ ڀوڳڻو پيو ۽ ان ڊرامي کي وڌائي پيش ڪرڻ ۾ هڪ صحافي(جنهن جا مقامي سطح تي ڪاروباري مفاد پڻ آهن) جو ڪردار پڻ سامهون آيو آهي. هن واقعي جي پس منظر کان واقف باخبر ماڻهن جو چوڻ آهي ته گل شمع جي فوتگي جي ڪجهه ڏينهن بعد ئي کيس سنگسار ڪرڻ جي من گهڙت خبر هڪ پوسٽ ذريعي سوشل ميڊيا تي رکي وئي، جنهن کانپوءِ آءِ جي پوليس سنڌ جي آفيس مان مقامي پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته اهڙ وڪيس داخل ڪيو وڃي. ذريعن موجب هن سڄي هٿ جي ٺاهيل ڊرامي جو مقصد گل شمع رند جي مائٽن کي هراسان ڪر ي اتان لڏائڻ هو. ياد رهي ته گل شمع رند جا مائٽ ڪجهه سال اڳ ڪنهن چڱي مڙس جي چوڻ تي بلوچستان مان لڏي اچي ان هنڌ تي گهر اڏي ويٺا هئا جنهن علائقي کي ڪاروڪوٽ سڏبو آهي ۽ جيڪو هنڌ تيل ۽ گيس ڪمپني پلانٽ جي بنهه ويجهو آهي. علائقي جي هڪ جهوني استاد نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته “معاملو پاڻ کي سگهارو ثابت ڪري وڌيڪ ڀتو وٺڻ جو آهي ۽ ان ڳالهه جي هر ڪنهن کي خبر آهي، پر هر ڪو ماٺ رهي ٿو.” گل شمع جي والده به پوليس جي تحويل مان آزادي کانپوءِ روئندي ميڊيا آڏو پاڻ سان ٿيل زيادتي جو ذميوار هڪ چونڊيل ميمبر ۽ هڪ صحافي کي قرار ڏنو هو. علائقي جي پوليس آفيسر جو چوڻ هو ته “اسان کي پهرئين ڏينهن کان خبر هئي ته ڇوڪري کي سنگسار نه ڪيو ويو آهي پر مٿان کان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ملڻ سبب بيوس هياسين.” دادو جي هڪ صحافي تبصرو ڪندي چيو ته اهو سڄو مامرو بااثر ڌرين جي مفادن جي جنگ سبب پيدا ٿيو، جنهن ۾ ميڊيا جو ڳچ حصو اڻ ڄاڻائي ۾ هڪ ڌر جي ونگار وهي ويو.

Bookmark the permalink.